بلاول بيلجم

بلاول بيلجم

بلاول بيلجم

بلاول بيلجم: سنڌ جو ناميارو سنگيتڪار. سندس مشھوري ’بينجي‘ ساز وڄائڻ ڪري ٿي، تنھنڪري ’بلاول بينجو نواز‘ سڏجڻ لڳو. بلاول بيلجم پھرين جولاءِ 1924ع تي مڪران جي بونا شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جمعو خان بلوچ، حمال (بار کڻڻ وارو) هو. جيڪو ”ڪورنگ/ڪنزُگ“ نالي بلوچي ساز جو ماهر هو. سندس والده مائي ماگهي به بلوچي لوڪ گيتن جي ماهر هئي. ڪوئيٽا جي ريڊيو اسٽيشن تان ڳايل بلوچي نغمن سبب کيس ”بلوچي ملڪه ترنم“ سڏيو ويو. سندس خاندان روزگار خاطر ڪراچي، حيدرآباد ۽ پوءِ ميرپورخاص ۾ آباد ٿيو، جتي هن چئن درجن تائين تعليم حاصل ڪئي. پڙهائي دوران ئي بينجي وڄائڻ جي شوق ۾ گهران ڀڄي نڪتو ۽ ڇھن سالن تائين هوٽلن تي مزدوري ڪئي. ميرپورخاص ۾ تقي شاهه جي درگاهه تي، رياض دؤران هڪ ٻڌڻ واري کيس ”بينجي جو بيلجم“ سڏيو. ان کانپوءِ”بلاول بيلجم“ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن پٽيالا گهراڻي جي مشھور ستار نواز ڇوٽي عاشق علي خان جي شاگردي اختيار ڪئي. 1952ع ۾ ريديو پاڪستان ڪراچي ۾ اسٽاف آرٽسٽ طور ملازم مقرر ٿيو. جنھن بعد حيدرآباد ۽ لاهور ۾ به نوڪري ڪئي. بلاول، تار وارن مڙني سازن جا آواز، بينجي تي وڄائيندو هو. هن ساز وسيلي تمام گهڻن فنڪارن سان سنگت ڪئي. رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ، پنھنجي آتم ڪھاڻي ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ بلاول بيلجم لاءِ لکيو آهي ته: ”هن جاپاني رانديڪي ’بينجي‘ کي هڪ اهم ساز بنائي ڇڏيو.“ هن هڪ سنڌي فلم ”تنھنجون ڳالهيون سڄڻ“ جو سنگيت به ڏنو. بلاول فٽبال جو به رانديگر هو. ڪراچي ۾ هن موسيقيءَ ۽ فٽبال جي گڏيل ڪلب ”بلاول بيلجم ميوزڪ اينڊ فٽبال ڪلب“ جو بنياد وڌو. جنھن مان ڪيترن ئي شاگردن سکيا ورتي. 26 آگسٽ 1977ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ميوه شاهه قبرستان ۾ دفن ٿيو.


لفظ بلاول بيلجمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.00.00  عيسوي

بلاول بيلجم 1918ع ۾ مڪران جي بونا شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت سنتو داس
خورشيد قائمخاني
راڻو رتن سنگهه
پيتامبر سيوهاڻي
عبدالله خان
عبد بن حميد
مير بزرگ بکري
رجب رضا
ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر
وزير علي ڀنڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون